پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات زندگي جون 38 بهارون ڏسي ورتيون

اسلام آباد: پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات زندگي جون 38 بهارون ڏسي ورتيون آهن. پاڪستاني فلم ۽ ڊرامه انڊسٽري جي مشهور ترين اداڪارائن ۾ شمار ٿيندڙ مهوش حيات جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي.اداڪاره مهوش حيات 6 جنوري 1983ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي. ان جي امڙ رخسار حيات جو شمار ٽيليويزن انڊسٽري جي مڃيل اداڪارائن ۾ ڪيو ويندو آهي. مهوش حيات شوبز ڪيريئر جي شروعات ماڊلنگ کان ڪيو ۽ ڊرامه سيريل من جلي جي ذريعي اداڪاري جي ميدان ۾ قدم رکيو.خانگي چينل جي مشهور ڊرامي ميري قاتل ميري دلدار ۾ بهترين اداڪاري مهوش حيات کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو ۽ ان ڊرامي جي لاءِ کيس لڪس اسٽائيل ايوارڊ جي بهترين اداڪاره جي لاءِ به نامزد ڪيو ويو.مهوش حيات جي ٻين مشهور ڊرامن  جي ڪمي رهجي وئي، سندس مشهور ڊراما جنهن ۾ چاند په  دستڪ، عشق مين تيري، روبر اور دل جلي شامل آهن. مهوش حيات 2014 ۾ فلمي سفر جي شروعات فلم نامعلوم جي ايٽم نمبر پلي کان ڪيو.  ان کان پوءِ مهوش حيات ڇلاوا، يه جواني پهر نهين آني ۽ لوڊ ويڊنگ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.2017 ۾ اداڪاره فلم پنجاب نهين جائون گي ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن رڪارڊ بزنس ڪيو. مهوش حيات ڪوڪ اسٽوڊيو جو حصو به بڻجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔