مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمن عنصرن ڪي موقعو فراهم ڪري رهي آهي:فردوس عاشق اعواڻ

لاهور : پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمن عنصرن ڪي موقعو فراهم ڪري رهي آهي، هو وزيراعظم تي هرون ڀرون تنقيد ڪري پنهنجو رويو نه بدلايو، وزيراعظم ملڪي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ شهيدن جا وارث مريم ۽ بلاول کان پي ڊي ايم ۾ لڪيل نانگن جو ضرور پڇن، جن انتهاپندي ۽ دهشتگردي جي سوچ کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ن ليگ کي لاشن تي سياست چمڪائڻ جي پراڻي عادت آهي. هن چيو آهي ته عوام کي بنيادي حقن جي تحفظ جو يقين ڏيارڻو آهي، عام ماڻهو لاءِ روز مره وارين شين جي دستيابي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، يوٽيلٽي اسٽورز ۾ عام شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔