عمران خان ملڪ ۾ فاشسٽ ۽ ون پارٽي اسٽيٽ قائم ڪرڻ گهري ٿو: احسن اقبال

اسلام آباد: عمران خان ملڪ ۾ فاشسٽ ۽ ون پارٽي اسٽيٽ قائم ڪرڻ گهري ٿو، عمران خان سيڪيورٽي ادارن جي آفيسز ۾ وڃي سياسي تقريرون پيو ڪري ۽ سيڪيورٽي ادارن کي سياست ۾ گهلي رهيو آهي، سيڪيورٽي ادارا ڪنهن هڪ پارٽي جي ملڪيت نه پر قومي ادارا آهن، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد، احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم پاڻ نواز شريف کي علاج لاءِ پرڏيهه اُماڻيو، نواز شريف جي واپسي بابت عمران خان کان پڇڻ گهرجي، عمران خان نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، خواجه آصف کي به سندس چرچ تي گرفتار ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔