پيپلز پارٽي، متحده پاڪستان کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: خواهش آهي ته متحده وارا اسان سان ڀاڪر پائي وٺن، پيپلز پارٽي، متحده پاڪستان کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحده وفد وچ ۾ آدمشماري سوڌو صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، بهادر آباد ۾ ملاقات دوران پ پ جي وفد ۾ سعيد غني، تاج حيدر ۽ مرتضيٰ وهاب شامل، متحده طرفان خواجه اظهار الحسن، فيصل سبزواري، جاويد حنيف ۽ ٻيا شامل، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته ڪراچي ۾ ٽئين ڌُر کي مڙهيو ويو آهي، ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ٻيٽن جي مامري تي پ پ ۽ متحده جو موقف ساڳيو آهي، پي ايم سي جي تڪراري نتيجن سوڌو ٻين مسئلن تي ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پ پ سان ملاقات دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون، اُميد ته عدالت سوڌو ٻين فورمز تي آدمشماري جي نتيجن خلاف ويڙهه ۾ پيپلز پارٽي اسان جو ساٿ ڏيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔