نيپرا هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ڪري ڇڏي،هڪ روپيو 6 پئسا اضافي اگهه وٺڻ جي منظوري

اسلام آباد: نيپرا هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي مهانگي ڪري عوام مٿان مهانگائيء جي ڇِپ ڪيرائي ڇڏي. رپورٽ موجب حڪومت فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي هڪ روپيو 6 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب نيپرا سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي بجلي 1 روپيو 52 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. درخواست آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي. جنهن ۾ نومبر لاء بجلي جي قيمتن ۾ 95 پئسا في يونٽ ۽ آڪٽوبر لاءِ بجلي 57 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي  درخواست ڪئي وئي هئي. نيپرا اختيارين موجب فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا ۾ ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي ۽ آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي هڪ روپيو 6 پئسا  مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 29 پئسا في يونٽ ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 77 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي. اضافي کان پوءِ بجلي صارفين تي 8 ارب 40 ڪروڙ روپين جو واڌو بار پوندو.

نيپرا موجب حڪومت نومبر کان جون جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽس صارفين تي منتقل نه ڪئي. جڏهن ته نيپرا ان ايڊجسٽمنٽس جي حوالي فيصلو جاري ڪري چڪو آهي. ايڊجسٽمنٽس سبب صارفين تي 17 ارب روپين جو بار پوندو پر ٿي سگهي ٿو ته حڪومت ان ايڊجسٽمنٽ تي ڪا سبسڊي ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔