اڄ بيضن جي جيڪا قيمت آهي، ان ۾ڪڪڙ ملندي هئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب بيدن ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ اضافي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران صاحب توهان جو گناهه جو اعتراف درست آهي ته توهان کي حڪومت هلائڻ اڃان سکڻي آهي، پر اٽي، کنڊ، بجلي ، گيس، دوائن ۽ هاڻ بيدن جي چوري ۾ توهان کان وڏي مافيا ۽ چور ڪو ٻيو ناهي.جاري ڪيل بيان ۾ ن ليگ ترجمان چيو ته عمران صاحب توهان کي بيضي ۽ ڪڪڙ سان معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو هو، توهان بيضي ۽ ڪڪڙ کي عوام جي پهچ کان پري ڪري ڇڏيو آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان نوازشريف جي دور ۾ جنهن قيمت ۾ ڪڪڙ ملندي هئي، اڄ ان قيمت ۾ بيدو ملي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔