ڊسمبر تائين استعيفائون نه آيون ته ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن جون استعيفائون 31 ڊسمبر تائين اسپيڪر وٽ پهچي وڃڻ گهرجن،استعيفائون نه پهتيون ته پوءِ ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن ايف اي ٽي ايف قانون سازي تي نيب قانونن ۾ ترميمن جو مطالبو ڪيو، ان مطالبي جو مطلب اين آر او هو.پرڏيهي وزير چيو ته نيب قانونن ۾ ترميم پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ پنهنجن دورن ۾ ڇو نه ڪئي؟ توهان نيب قانونن ۾ ترميم نه ڪئي ته اها غفلت توهان جي آهي.هن چيو ته اها ذاتي ايجنڊا هئي،جنهن تي مخالف سوديبازي ڪرڻ گهرن پيا،واضح طور تي چوان ٿو ته نيب جي قانونن ۾ بهتري جي گنجائش آهي،پر سودو نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔