عوام تي بجلي ڪيرائڻ جون تياريون، نيپرا کي درخواست

اسلام آباد: سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 52 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي،نيپرا درخواستن تي ٻڌڻي 30 ڊسمبر تي مقرر ڪري ڇڏي.جاري ڪيل پڌرائي موجب درخواست آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي آڪٽوبر لاءِ 57 پئسا ۽ نومبر لاءِ 95 پئسا واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته سمورين بجلي جي ڪمپنين جي اگهه ۾ واڌ ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔