آبپاشي کاتي جي زمينن جا متاثر هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، سهيل سيال طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا هٽائڻ واري ڪيس ۾ متاثر ٿيلن کي متبادل ڏيڻ لاءِ صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ چيف سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو، عدالت چيو آهي ته حڪومت معاملي کي ڪميٽي ۾ اينگهائڻ بدران واضح روڊ پلان ڏئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آبپاشي کاتي جـِي زمينن تان قبضا هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت حڪم ڏنو ته 18 جنوري تي آبپاشي کاتي وارو وزير سهيل انور سيال، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه ۽ آبپاشي وارو سيڪريٽري رفيق ٻرڙو عدالت ۾ پيش ٿي واضح روڊ پلان پيش ڪن.عدالت چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري پنهنجي صحيحن سان روڊ ميپ پيش ڪن، جيئن حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهجي.ايدووڪيٽ جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته عدالت روڊ ميپ ڏئي، صوبائي حڪومت ان تي عمل ڪرائيندي. عدالت روڊ ميپ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته معاملي کي ڪميٽين ۾ نه اينگهايو وڃي.ٻڌڻيءَ دوران سکر، خيرپور، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي جي متاثرن عدالت کي ٻڌايو ته سکر بينچ سندن گهر ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪا ناانصافي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته حڪومت روڊ ميپ پيش ڪري، جنهن بعد ان معاملي جو جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔