مفاد پرست ٽولي جي سوچ هڪ ۽ منزل ٻي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل مفاد پرست ٽولي جي سوچ هڪڙي ۽ منزل ٻئي آهي،حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ وارن جي خلاف تحريڪ هلي پئي آهي.سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته مولانا شيراني ۽ حافظ حسين احمد جا بيان ان جي واضح شاهدي آهن.هن چيو ته ذاتي مفاد کي اوليت ڏيندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو.شبلي فراز چيو ته ڇڙواڳ اپوزيشن جي سياست ۾ ملڪ ۽ عوام جي ڪابه ڀلائي ناهي.وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ اپوزيشن کي توفيق ڏئي ته انهن کي ڪرسي بدران عوام ۽ ان جا مسئلا نظر اچڻ شروع ٿي وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔