ڀاڄائي جون اعتراض جوڳيون تصويرون رکندڙ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي: سپريم ڪورٽ، ڀاڄائيءَ جون اعتراض جوڳيون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکندڙ جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڀاڄائيءَ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکندڙ جوابدار نعيم جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ ٻين جوابدارن جا نالا ڪالم ٽو ۾ رکيا ويا آهن، نعيم جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.متاثر عورت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار نعيم جو واٽس ايپ نمبر تصويرون اپلوڊ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيو، متاثر عورت ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔