ڀارت فالس فليگ آپريشن جي غلطي ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون عالمي برادري تي واضح ڪيان ٿو ته جيڪڏهن ڀارت فليگ آپريشن ڪيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جهڙي ڪا به غلطي نه ڪري.

هن لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي گڏيل قومن (يو اين) مبصر گروپ جي گاڏي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت پاران اهڙو قدم عالمي قانون جي مڪمل خلاف ورزي آهي.

هن جو چوڻ هو ته ڀارتي قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جو احترام نه ڪرڻ کي ظاهر ڪري ٿو۽ پاڪستان ڀارت جي اهڙي جارحاڻي رويي جي شديد مذمت ڪري ٿو.

هن جو چوڻ هو ته هن سال ڀارت ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جون 3 هزار خلاف ورزيون ڪري چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔