ڀارت ڪا به غيرذميواراڻي حرڪت ڪئي ته ان کي وقت سر مناسب جواب ڏنو ويندو: شاهه محمود قريشي

ملتان: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ڪا به غير ذميواراڻي حرڪت ڪئي ته ان  کي وقت سر مناسب جواب ڏنو ويندو .

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گڏيل قومن جي نمائندن جي گاڏي تي حملو ڳڻتي جوڳو آهي جڏهن ته گڏيل قومن جو موجودگي جو مقصد امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي ، گڏيل قومن جي نمائندن جي گاڏي تي حملي جي فوري طور تي جاچ هئڻ گهرجي .

هن چيو ته ڀارت سيز فائر معاهدن جي لاڳيتو خلاف ورزي ڪري شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ ڀارت جي اٻهرين ڪارروائين سان امن امان جي صورتحال کي خطرو ٿي سگهي ٿو،جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن امان برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي .

پرڏيهي وزير چيو ته افغان امن عمل تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان افغان امن عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي . افغانستان ۾ امن جي ڪوشش کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي ۽ افغانستان ۾ امن کي نقصان پهچائڻ جي ذميواري ڀارت تي ئي هوندي.

هن چيو ته اسان پنهنجي ذميواري نڀائيندي عالمي برادري کي آگاهه ڪيو آهي ته جڏهن پڪا ثبوت آهن ڀارت ڪوئي نه ڪوئي بهانو بڻائي فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو .

پرڏيهي وزير عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها فوري طور تي پنهنجو ذميداراڻو ڪردار ادا ڪري ۽ جيڪڏهن ڀارت ڪا غير ذميوراڻا حرڪت ڪئي ته ان کي بروقت ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔