وزيراعظم جي گهر جو نقشو مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي:شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي گهر جو نقشو مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي.

مريم نواز جي بيان تي ٽوئٽر تي رد عمل ڏيندي شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان هميشه قانون جو احترام ڪيو.(ن) ليگي اڳواڻ ڪوڙ جو سهارو وٺي بدنيتي تي ٻڌل غلط تاثر نه پکيڙين.

هن چيو ته وزيراعظم جي گهر جو نقشو اڃان مشروط طور تي منظور ڪيو ويو آهي.(ن) ليگي اڳواڻ پنهنجي مذموم پروپيگنڊا سان عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن.

عوام کي خبر آهي ته عمران خان هميشه سچ ۽ اصول جي ڳالهه ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔