اليڪشن ڪميشن سنڌ جَي 2 ۽ بلوچستان جي هڪ تڪ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ جَي ٻن ۽ بلوچستان جي هڪ تڪ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، سانگهڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 43 ۽ ملير جي تڪ پي ايس 88 تي ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جاري، اليڪشن ڪميشن موجب اُميدوار 23 کان 28 ڊسمبر تائين رٽرننگ آفيسر وٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا، 8 جنوري تائين اعتراض داخل ڪرائي سگهبا، نامزدگي فارمز سان هٿ کڻڻ ۽ اُميدوارن جا حتمي نالا پڌرا ڪرڻ جي تاريخ 16 جنوري مقرر، اليڪشن ڪميشن طرفان 17 جنوري تي اُميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، ملير ۽ سانگهڙ جي ٻنهي تڪن تي 16 فيبروري تي ننڍي چونڊ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔