ن ليگي سينيٽرڪلثوم پروين ڪورونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر ڪلثوم پروين ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مرحومه گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هئي.

صدر عارف علوي سينيٽر ڪلثوم پروين جي وفاتي ڏک جو اطهار ڪندي چيو آهي ته رب پاڪ  سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سينيٽر ڪلثوم پروين جي لاڏاڻي تي ڏک جو  اظهار ڪندي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ مخلص ۽ محنتي سياستدان کان محروم ٿي ويو. ڪلثوم پروين بلوچستان ۾ پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي ڪئي. صادق سنجراڻي چيو ته پارليامينٽ هڪ انتهائي فعال ۽ مدبر سياستدان کان محروم ٿي ويو. ڏکويل خاندان سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ۽ سينيٽر راجه محمد ظفرالحق به ڪلثوم پروين جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ پ پ جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مدد علي به ڪورونا  لاڏاڻو ڪري ويو هو. ان کان علاوه گلگت بلتستان جو زراعت وارو وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جو سينئر اڳواڻ حاجي جانباز خان به ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔