جي يو آءِ پاران سينيٽ چونڊ فيبروري ۾ ڪرائڻ جي مخالفت

اسلام آباد: جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) فيبروري ۾ سينيٽ جي چونڊ ڪرائڻ واري حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته سينيٽ آئيني ادارو آهي ۽ ان جي چونڊ جي چونڊ مقرر وقت کان اڳ نه ٿي ڪرائي سگهجي، ان ڪري قبل کان اڳ سينيٽ جي چونڊ ڪرائڻ واري سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته آئين جي مطابق سينيٽ جي اڌ کان وڌيڪ ميمبر مارچ ۾ رٽائر ٿي ويندا ۽ مارچ ۾ نون ميمبرن جي چونڊ ٿيندي، جنهن کان پوءِ ئي سينيٽ جي چونڊ ٿيندي. هن جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت هاڻي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ڪري اهڙا غير قانوني قدم کڻي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔