توشا خانا ريفرنس: آصف زرداري جي ڊگهي التوٰي واري درخواست رد

لاهور: توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پاران جمع ڪرايل ڊگهي التويٰ واري درخواست رد ڪئي وئي آهي.احتساب عدالت ۾ توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي جج اصغر علي جي عدالت ۾ ٿي. جج اصغر علي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاوق ايڇ نائيڪ پاران جمع ڪرايل ڊگهي التوا واري درخواست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.هن چيو ته جوابدار کي ڏسڻ گهرجي ته هو اهڙو وڪيل ڪري جيڪو گهڻو مصروف نه هجي. سپريم ڪورٽ اسان کي به روزاني ٻڌڻي جو چوندي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔