سنڌ ۾ ميڊيڪل شاگردن جو پي ايم سي خلاف ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو

ڪراچي: سنڌ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن پي ايم سي تحت انٽري ٽيسٽ خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت سان رابطو ڪري ورتو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاگردن جي درخواست تي پي ايم سي کان جواب طلب، ٻڌڻي دوران شاگردن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پي ايم سي طرفان پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي جي شاگردن جا انٽري ٽيسٽ نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، مختلف جاين تي شاگردن جا رول نمبر ۽ نتيجا غلط هجڻ سبب پي ايم سي جا نتيجا شڪي ٿي ويا، خبر ناهي ته پي ايم سي کي نتيجا پڌرا ڪرڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي؟ عدالت پي ايم سي کي هڪ ئي سليبس رکڻ جو حڪم ڏنو هو، پر انٽري ٽيسٽ ۾ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايم سي کان جواب طلب ڪرڻ بعد ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔