خرچي نه ملڻ تي ٻارهن سالن جي ڇوڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

تلهار ويجهو ڳوٺ خير محمد کوسو ۾ 12 سالن جي ڇوڪري خرچي نه ملڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو.پوليس جي دعويٰ آهي ته ڇوڪري خرچي نه ملڻ تي آپگهات ڪيو آهي.تلهار جي ايس ايڇ او ڌڻي بخش موجب 12 سالن جي ڇوڪري افضل ولد محمد کوسو جي گهر ٻاهران وڻ تي ٽنگيل لاش مليو.ايس ايڇ او موجب ڇوڪري خرچي نه ملڻ کانپوءِ مبينا طور تي آپگهات ڪيو آهي.وارثن لاش پوست مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس به پوسٽ مارٽم نه ڪرائي سگهي آهي، واقعي کانپوءِ گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔