لنڊن ۾ چور گهر ٻاهران بيٺل مرسڊيز گاڏي جا سمورا پارٽس ڪڍي فرار ٿي ويا

لنڊن: اڪثر چور گهر جي ٻاهران بيٺل گاڏين جا شيشا ٽوڙي قيمتي پارٽس ڪڍي فرارٿي ويندا آهن ۽ اهڙي طرح جا واقعا اسان جي زندگين ۾ عام ٿي ويا آهن پر تازو ئي برطانيه ۾ چورن سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ گهر جي ٻاهران بيٺل لگزري گاڏي جي قيمتي پارٽس سميت ڦيٿا به چوري ڪري گاڏي کي کوکلو ڪري ڇڏيو.برطانوي شهري پائول هيمپٽن ٻڌايو ته منهنجا پاڙيسري صبح جو سوير منهنجي گهر جي ٻاهران پريشان بيٺل هئا. پاڙيسرين جي پريشاني ڏسي مون کي اندازو ٿيو ته يقينن ڪجهه غلط ٿيو آهي. پائول هيمپٽن جو چوڻ هو ته جڏهن مان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪتس ته اهو ڏسي دنگ رهجي ويس ته منهنجي گهر جي اڳيان بيٺل چمڪندڙ 28 هزار پائونڊز(پاڪستاني تقريبن 59 لک روپيه) ماليت جي گاڏي اندر کان کوکلي آهي ۽ ان جا سمورا قيمتي پارٽس چور چوري ڪري کڻي ويا.ان حوالي سان برطانوي شهري جي ڌيءَ ٻڌايو ته اسان کي ڪابه خبر نه پئي ته چور ڪڏهن آيا ۽ ڪارروائي ڪئي انهن جي ڪابه آواز اسان نه ٻڌي. هن ٻڌايو ته گاڏي کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته ڪي انتهائي ماهر چور ئي هن گاڏي جي اهڙي حالت ڪري فرار ٿيا آهن. برطانوي شهري وڌيڪ ٻڌايو ته مون هن گاڏي کي خريد ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔