برطانيه ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم سامهون اچي وئي

لنڊن: برطانيه ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم سامهون اچي وئي آهي. برطانوي صحت واري وزير ميٽ بينڪاڪ ان حوالي سان ڇيو آهي ته لنڊن ۾ هڪ هفتي دوران نئين قسم جا ڪورونا ڪيس سامهون آيا جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سخت قدم کڻڻا پئجي رهيا آهن.

صحت جي عالمي اداري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته برطانيه ۾ ڪورونا جي نئين قسم کان آگاهه آهيون.نئين وائرس سان برطانيه ۾ هڪ هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

ڊبليو ايڇ او جي ايمرجنسي ايڪسپرٽ مائيڪ  ريان پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته لنڊن ۾ نئين وائرس جي موجوده ڪورونا جي مختلف هجڻ جو اڃان تائين ثبوت ناهي مليو. هي وائرس وقت سان گڏوگڏ بدلبو رهندو اهي. ڪورونا جي وڌندڙ پکيڙ سبب لنڊن ۾ ڪورونا جون پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ پهرين ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ ڪورونا جي پهرين ويڪسين طبي عملي جي هڪ ميمبر کي ڏني وئي آهي.

آمريڪا ۾ پهرين ويڪسين نيويارڪ ۾ ڪوئنز اسپتال جي نرس کي لڳائي وئي. گڏيل طور تي اڃان تائين طبي عملي جي پنج ميمبرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔