ڏهه ليگي ميمبرن جون استعيفائون خواجا آصف وٽ جمع

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي 6 قومي اسيمبلي ۽ 10 پنجاب اسيمبلي ميمبرن پنهنجي استعيفيٰ خواجا آصف وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي جيل کاتي جي وزير به پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي آهي. سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو جمهوري عمل ذريعي ناهن آيا،پر هڪ چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪلي هڪ ڪٺ پتلي وزيراعظم جي راند رچائي وئي، پاڪستان جي عوام جي سڀ کان وڏي شڪايت مهانگائي آهي، ايتري ڪرپشن ڪنهن دور ۾ نه ٿي، جيتري هن دور ۾ هئي، اسان اين آر او ناهي گهريو، اسان جو مطالبو ووٽ کي عزت ڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔