لاهور جي عدالت پاران ضمانت منظور ڪرڻ بعد ڊي جي بٽ آزاد

لاهور: لاهور جي عدالت ڊي جَي بٽ کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس ڊي جي بٽ کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو، مٿس ناجائز هٿيار رکڻ سميت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪالهه ڊي جي بٽ کي ماڊل ٽائون لاهور پوليس مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي بٽ چيو ته هي ظلم۽ زيادتي آهي، مون تي تشدد ڪيو ويو، مان اڃا به عمران خان جو ٽائيگر آهيان، جنهن هٿيار جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ان جو لائسنس موجود آهي. بعد ۾ عدالت ڊي جي بٽ کي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔