پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 60 مريض حياتي وڃائي ويٺا

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 60 مريض حياتي وڃائي ويٺا، 2 هزار 963 نوان ڪيس ظاهر، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گذريل 10 ڏينهن ۾ ڪورونا جي شرح ۾ 4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري حڪومتي فيصلن تي عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي، ليڊر چوندا آهن ته جلسن سان وبا جو واسطو نه آهي، اهڙي بيان سان نقصان ٿئي ٿو، عوامي اجتماعن تي پابندي مٿان به عمل نه ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔