وائيس آف سنڌ جي شارٽ فلم سنڌ ميري جان کي ڀرپور موٽ !

ڪراچي: وائيس آف سنڌ جي خاص شارٽ فلم سنڌ ميري جان کي سنڌي ڪلچرل ڊي جي موقعي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ريليز ڪيو ويو ،عوامي سطح تي ان ڪاوش کي تمام گهڻي موٽ ڏني وئي ۽ ماڻهن ان کي ڀرپور طريقي سان ساراهيو.

تفصيل موجب وائيس آف سنڌ جي شارٽ فلم سنڌ ميري جان ريليز ٿي ڪاميابي سان سوشل ميڊيا تي ناظرين پاران داد ۽ ڀيٽا وصول ڪري رهي آهي ،ان جي شوٽنگ لاءِ اقرا يونيورسٽي ۾ مچ ڪچهري جي روايتي رنگن سان سجايل سيٽ لڳايو ويو هو جيڪو ڌيان جو مرڪز رهيو .

سنڌ ميري جان ڊاڪٽر عمير هارون جي پنجين پيش ڪش آهي ، ان کان اڳ وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ جناح تم درست ٿي، اي پاڪ وطن، تاريخ ڪي مسافر ۽ ستارون ڪي آگي پيش ڪيا وياآهن جن کي سنجيده حلقن پاران گهڻو ساراهيو ويو آهي .

شارٽ فلم ۾ ناليوارو ماهر تعليم ۽ وائيس آف سنڌ جو پيٽرن ان چيف حنيد لاکاڻي ۽ ناجيا مير به پنهنجي حقيقي زندگي جي ڪردارن سان سامهون آيا ، ٻين فنڪارن ۾ حرا عمر،هانيا خان ، انيلا خان ۽ اربازنبي شامل آهن .

اقبال خورشيدجي ان اسڪرپٽ کي اساما چوڌري پروڊيوس ڪيو ، هدايتڪاري مهروز احمد جي آهي ، ارباز نبي ايسوسي ايٽ ڊائريڪٽر ،شجاعت لياقت سائونڊ انجنئر جو فرض ادا ڪيو ، عڪاسي دانش شيخ ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔