اردوغزل کي نئون رنگ ڏيڻ واري شاعرناصرڪاظمي جو 95 هون جنم ڏينهن

ڪراچي: اردوغزل کي نئون رنگ ڏيڻ واري شاعرناصر ڪاظمي جو اڄ 95 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

8 ڊسمبر 1925 تي امبالا ۾ پيدا ٿيڻ وارو سيد ناصر ڪاظمي هڪ شاعر جي دل وٺي هن دنيا ۾ آيو هو ، سندس تخليقي سفر جي شروعات شاگردي واري دور کان ئي ٿي چڪي هئي .

 هو شاعري سان گڏ صحافت ۽ ريڊيو پاڪستان سان به لاڳاپيل رهيو ،پاڪستان ٺهڻ وقت ٿيل فسادن ۽ ڍاڪا جي ورهاڱي هن جي حساس طبيعت تي گهرا اثر ڇڏيا جيڪو هن جي شعرن مان به جهلڪڻ لڳو .

ناصر ڪاظمي غزل ۾ ننڍي بحر واري روايت کي وڌايو ، سندس شاعري ۾ شدت ۽ کهرو پن ناهي پر احساس جي هڪ ٿڌي لهر آهي جيڪا روح ۾ لهندي محسوس ٿيندي آهي.

ناصر ڪاظمي جيڪي ڏک بيان ڪيا آهن اهي سمورا ڏک اسان جي جديد دور جا ڏک ئي آهن ، ناصر ڪاظمي 1972 ع ۾ معدي  جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي مليو پر سندس لفظ اڄ به هر پاسي خوشبو پکيڙي رهيا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔