پي ڊي ايم جي تحريڪ حڪومت کي گهر موڪلڻ کان پوءِ ئي ختم ٿيندي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ حڪومت کي گهر موڪلڻ کان پوءِ ئي ختم ٿيندي.

مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته لاهور جهڙي طرح سان گذريل ڏينهن  نڪتو سڄي دنيا ڏٺو. عوام پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم)  ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طرفان پنهنجو  ڇوٽڪارو ڏسي رهيا آهن.

هن چيوته لاهور جي جلسي سان حڪومت جي جان نڪري رهي آهي. ڇا ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنهن جلسي تي 3-3 هزار ايف آءِ آر ڪٽي وئي هجي.  مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۾ سمورا آپشن غور هيٺ آهن ۽ ان حوالي سان اڄوڪو اجلاس اهم آهي.

تحريڪ کي عوام ليڊ ڪري رهي آهي ۽ هي عوام کي پريشانين کان ڪڍڻ واري تحريڪ آهي. هن چيو ته  تحريڪ حڪومت کي گهر موڪلڻ کان پوءِ ئي ختم ٿيندي. قانون ۽  آئين جون ڳالهيون حڪومت کي نٿيون سونهن ۽ مان ڪنهن به حڪومتي ترجمانن جي ڳالهين جو جواب نٿي ڏيڻ چاهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔