لمس يونيورسٽي انتظاميه پاران رستو نه ڏيڻ تان ڳوٺاڻن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

ڄامشورو: لمس يونيورسٽي جي پاسي ۾ قائم ڳوٺ مصري کوسو، ڳوٺ يوسف کوسو کي رستو نه ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن ڳوٺن جي مک چوڪ کان پيادل ريلي ڪڍي لمس يونيورسٽي انتظاميه ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي پيراميڊيڪل سامهون انڊس هاءوي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

مسلسل ٻن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهين پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن يونيورسٽي انتظاميه توڙي ضلعي انتظاميه ٻه ڪلاڪ گذرڻ باوجود  ڳوٺاڻن سان ڳالهين لاء ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن حڪيم کوسو، شمن بليدي، بخت جتوئي، عٿمان چانڊيو، پپو کوسو، ظفر بليدي، سماجي اڳواڻ فقير حق نواز برهماڻي، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي جو چوڻ آهي ته اسان جا قديمي ڳوٺ آهن پر لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه ڏاڍ ڪندي اسان جي ڳوٺن جي اچ وڃ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه ڏينهن پهرين لمس يونيورسٽي پيراميڊيڪل سامهون ڳوٺن کي رستو ڏيڻ تي رضامند ٿي جنهن رستي جو ڪم به هليو پر اوچتو ٻن ڏينهن کان رستي جو ڪم بند ڪري رستو ڏيڻ کان انڪار ڪيو  ۽ هو ڳوٺن کي غير قانوني ڄاڻائي اسان کي لڏائڻ گهرن ٿا اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين مسئلو حل ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔