پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس، جي يو آءِ پاران جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جي تجويز

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي اجلاس دوران جي يو آءِ جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اجلاس دوران لانگ مارچ ۽ اسيمبليز تان استعيفيٰ ڏيڻ واري آپشن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، اجلاس ۾ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري شريڪ، آصف زرداري ۽ اختر مينگل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ آهن، پي ڊي ايم جي اجلاس دوران جيل ڀريو تحريڪ جي تجويز سامهون اچي وئي، مولانا فضل الرحمان پاران جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، ذريعن موجب پي ڊي ايم جي ڪنهن اڳواڻ يا ڪارڪن جي گرفتاري ٿي ته ان آپشن تي غور ڪيو ويندو، فضل الرحمان چيو آهي ته سموريون جماعتون پنهنجي ڪارڪنن کي ان حوالي سان تيار رکن، مريم نواز چيو آهي ته حڪومت جا پير کسڪي ويا آهن، لاهور جي جلسي کان اڳ ئي حڪمرانن جو ساهه نڪري ويو، هاڻي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بعد ئي ساهه پٽينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔