بي روزگار نوجوان موٽرسائيڪل کي ريسٽورينٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

بي روزگار نوجوان موٽرسائيڪل کي ريسٽورينٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.لاهور واسي نوجوان غلام علي ڪورونا لاڪ ڊائون بعد بي روزگار ٿيڻ سبب گهر جو چلهو ٻارڻ لاءِ گذر سفر جو انوکو طريقو ايجاد ڪري ورتو. هن پنهنجي موٽرسائيڪل کي چائينيز ريسٽورينٽ ۾ تبديل ڪري چائنيز کاڌا وڪڻي گذر سفر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي سندس زندگي آسان بڻجي وئي آهي. ان حوالي سان نوجوان غلام علي جو چوڻ آهي ته نجي ڪمپني ۾ ميڊيڪل ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪري رهيو هئس پر ڪورونا جي لاڪ دائون سبب منهنجي اها نوڪري هلي وئي. هن ٻڌايو ته سخت مالي پريشانين کان تنگ اچي ويب سائيٽس تي روزگار جا موقعا تلاش ڪيا جنهن بعد موٽر سائيڪل تي ريسٽورينٽ کولڻ جو خيال آيو. هن چيو ته ويب سائيٽ تي چائنيز کاڌن بابت ڄاڻ وٺڻ بعد موٽرسائيڪل تي ريسٽورينٽ کولي آهي هاڻي سٺي ڪمائي ٿئي پئي ۽ سموريون پريشانيون ختم ٿي ويون آهن. ٻئي طرف ريسٽورينٽ تي ايندڙ گراهڪن جو چوڻ هو ته فوٽ پاٿ تي سٺا کاڌا ملڻ سبب فائيو اسٽار هوٽل جو مزو ماڻي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔