حديقا ڪياني پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان جي مشهور ڳائڻي حديقا ڪياني فيصل آباد واسڻ جو الزام رد ڪندي سندس هرجاڻي دعويٰ تي رد عمل ڏنو آهي. فيصل آباد جي هڪ عورت ڪجھه ڏينهن اڳ الزام هنيو هو ته حديقا جي سيلون جي فرنچائز تي هوءَ وارن علاج ڪرائڻ وئي جوٿي ويا. ون استعمال ڪيون ويون اهي غير معياري هيون. ان کانپوءِ عورت حديقا ڪياني جي سيلون خلاف ٻه ڪروڙ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي. حديقا ڪياني ٽوئيٽر تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سمورن واهپيدارن کي يقين ڏياريان ٿي ته انهن مان ڪو به الزام درست ناهي سندس سيلون جون سموريون فرنچائز ايس او پيز تي عمل ڪري رهيون آهن. عورت جي الزامن کي ڏسي رهيا آهيان ۽ منهنجو وڪيل ۽ مقامي فرنچائز جي ٽيم انهن دعوائن جو جواب ڏيڻ لاءِ ڀرپور نموني تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔