ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻين پاران ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي:  سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو مختلف شهرن ۾ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پهري سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

هر سال جيان هن سال به ثقافت جو ڏينهن ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان جي حوالي سان سنڌ جي هزارين سالن جي قديمي روايت جا امين سنڌ واسي روايتي لباس  اوڍي اجرڪ ۽ ٽوپي سجائي سنڌ جي رنگا رنگ ڌرتي سان يڪجهتي جو اظهار ۽ نوجوان نسل کي سنڌ جي ثقافت سان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ نڪري پيا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي ثقافت سان محبت جي اظهار طور ريليون ڪڍيون ويون تقريبون ڪوٺائي، مچ مشآعرا ۽ راڳ جون محفلون ڪرائي پنهنجي ثقافت سان محبت جي وچن کي ورجايو ويو..

نوجوانن طرفان سنڌي اجرڪ ٽوپي پهري علاقائي ڌنن تي رقص ڪيوويو.

جڏهن ته ثقافتي رنگن ۾ رنگجي عورتون ۽ ٻارڙا به پرجوش نظر آيا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔