احتساب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ مندره ۾ مٽي ماءُ حوالي

لاهور: احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ کي اباڻي ڳوٺ مندره ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڳوڻو جج ارشد ملڪ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. اڳوڻو جج ڪيترن ئي ڏينهن کان بيمار هو ۽ خانگي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر تي هو. ارشد ملڪ جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جي اڳوڻي جج کي نمونيه جي تڪليف هئي، هڪ ڏينهن اڳ هارٽ اٽيڪ ٿيو جيڪو سر وڃائيندڙ ثابت ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔