وزيراعظم ديامير ۽ گلگت ۾ وڻن جي ڪٽائي جو نوٽس وٺي ڇڏيو، ايف سي مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آبا: وزيراعظم عمران خان ديامير ۽ گلگت ۾ وڻن جي ڪٽائي جو نوٽس وٺندي ايف سي مقرر ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم وڻن جي ڪٽائي جو نوٽس وٺندي ماحولياتي تبديلي جي خاص مددگار ملڪ امين اسلم کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

ملڪ امين جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ گهرائيندي ذميدارن خلاف ادارتي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم گلگت فاريسٽ ۾ ايف سي جي هٿياربندن جون 4 پلٽڻون به مقرر ڪري ڇڏيون آهن. 

ملڪ امين اسلم جو چوڻ آهي ته ايف سي عملدارن کي حڪم ڏنو ويو آهي، فيصلي تي تڪڙو عمل ٿيندو، ايف سي جا جوان فاريسٽ گارڊز سان گڏجي ٽمبر مافيا خلاف ڪارروائي ڪندا.

خاص مددگار جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان ۾ ٽمبر مافيا خلاف سخت سزائن تي ٻڌل آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جي ذريعي ايمنسٽي ڪلچر جو هميشه لاءِ انت اچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔