احتساب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ذريعن جو چوڻ هو ته ارشد ملڪ ڪورونا جي علاج لاءِ اسلام آباد جي نجي اسپتال ۾ داخل هو ، پر هو اڄ ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو .

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين 8260 ماڻهو فوت جڏهن ته متاثرمريضن جو انگ 4 لک 10 هزار کان وڌي ويو آهي .

جج ارشد ملڪ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي 24 ڊسمبر 2018 تي العزيزيا ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو هو .

عدالتي فيصلي کانپوءِ 6 جولاءِ 2019 تي مريم نواز هڪ مبينا آڊيو وڊيو ٽيپ آڏو آندي هئي جنهن موجب جج ارشد ملڪ دٻاءُ ۾ اچي اها سزا ٻڌائي هئي ، پر جج ارشد ملڪ ان جي ترديد ڪندي وڊيو کي جعلي قرار ڏنو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔