حڪومت پاران سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول پاڪستان قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت ائٽلانٽا جي طرز تي سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول پنهنجو سي ڊي سي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، سي ڊي سي کي صدارتي آرڊيننس يا بل ذريعي قائم ڪيو ويندو جنهن جو ڊرافٽ به ٺهي چڪو آهي.

هن ٻڌايو ته سي ڊي سي قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ۽ برطانوي حڪومتون مدد ڪري رهيون آهن، سي ڊي سي پاڪستان کانپوءِ اسان کي اين سي او سي ۽ اين اي او سي جي ضرورت نه پوندي.

ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ موجود پاڪستاني ڊاڪٽر به ان سلسلي ۾ پرعزم ۽ پرجوش آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔