ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 55 فوت، 3262 ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 55 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 3200 ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 44627 ٽيسٽ ڪيا ويا، انهن مان 3262 ماڻهن ۾ وائرس ظاهر ٿيو آهي جڏهن ته ڪورونا وگهي 55 ڄڻا فوت  ٿي ويا.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح 7.3 سيڪڙو رهي.

ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ 3354 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔