حڪومت ڪپهه تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪپهه تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
تفصيل موجب واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اي سي سي ڪپهه تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ٿيڻ سان ڪپڙن جي شعبي جي برآمدات ۾ آساني ٿيندي.
واپار واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته ويليو ايڊيڊ ايڪسپورٽ حاصل ڪرڻ اسان جي پاليسي موجب آهي، اي سي سي جو فيصلو هاڻ واڌ لاءِ ڪابينا ۾ ويندو، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي واڌ ڪابينا سان ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔