ليجنڊ مائيڪل شوماڪر جو پٽ ريس جي ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيارويب ڊيسڪ | 2 ڪلاڪ پھريان

برلن: جرمني جي ليجنڊ ڪار ريسر مائيڪل شوماڪر جو پٽ ريس جي ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار آهي، آمريڪي ڪمپني ”باس“ جرمن“ ڊرائيور مائيڪ شوماڪر سان معاهدو ڪري ڇڏيو.
مائيڪ شوماڪر آمريڪي ڪمپني سان معاهدو ڪيو آهي، ايندڙ سيزن ۾ روس جو نيڪيتا ميزپن ان جو پارٽنر هوندو، جرمن ڪار ريسر ان جي باري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو آئون 3 سالن جي عمر کان ڏسندو پيو اچان.
ياد رهي ته مائيڪ شوماڪر جو والد شوماڪر جو ڳاڻيٽو ريسنگ جي دنيا ۾ ليجنڊ ڊرائيور طور ٿئي ٿو، هن 7 ڀيرا فارمولا ون ريسنگ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو پر ڪيترائي سال اڳ ٿيل هڪ حادثي کيس معذور ڪري ڇڏيو هو، هو ڪافي عرصو ڪوما ۾ به هو، هاڻ کيس اسپتال کان گهر منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس زال سار سنڀال ڪري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔