چيني خلائي گاڏي جي چنڊ تي ڪامياب لينڊنگ

بيجنگ : چين طرفان موڪليل خلائي گاڏي چنڊ تي لهي وئي.
چيني سرڪاري ميڊيا موجب ان روبوٽڪ گاڏي چنڊ جي ان حصي تي لينڊ ڪيو آهي، جيڪو زمين تان به نظر ايندو آهي.
اها روبوٽ گاڏي ايندڙ ٻن هفتن تائين چنڊ جي سطح تان پٿرن تي ٻڌل مختلف نمونا گڏ ڪندي ۽ پوءِ انهن کي زمين تي آڻيندي.
جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب رهيو ته سوويت يونين ۽ آمريڪا کانپوءِ چين دنيا جو اهڙو ٽيون ملڪ هوندو، جيڪو چنڊ تان نمونا زمين تي آڻيندو پر اهي نمونا سوويت يونين ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ بهتر هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔