ناليوارو اداڪار بهروز سبزواري به ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر دوران جتي پاڪستان ۾ عالمي وبا جي ڪيسز ۾ واڌ ٿي آهي، اتي هاڻي مشهور اداڪار بهروز سبزواري به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.
پاڪستان جي مشهور اداڪار بهروز سبزواري ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ هاڻي هو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
بهروز سبزواري ٻڌايو ته هو هن وقت ضياءُالدين اسپتال جي انتهائي نگهداشت يونٽ (آءِ سي يو) ۾ علاج هيٺ آهي.
مشهور اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته هو هن وقت ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ هن مداحن کي صحتيابي لاءِ دعائن جي درخواست به ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔