ايران آمريڪا طرفان حملي جي صورت ۾ دبئي تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

مڊل ايسٽ آءِ (ايم ايم آءِ) ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آمريڪا طرفان حملي جي صورت ۾ گڏيل عرب امارتن تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان ڌمڪي جو پيغام نار رياست جي حڪمران محمد بن زايد النهيان کي سڌي ريت ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب ايران پيغام ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا امارتن جي سرزمين کان ايران تي حملو ڪيو ته جواب ۾ ايران دئبي تي حملو ڪري ڇڏيندو.
ايم ايم آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جو اماراتي ولي عهد سان رابطو آچر ڏينهن پرڏيهي وزير طرفان محسن فخري زادي جي قتل جي مذمت کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ ٿيو.
واضح رهي ته 27 نومبر تي ايران جي ايٽمي پروگرام جي باني سائنسدان محسن فخري زادي کي تهران ۾ قتل ڪيو ويو هو.
ايران اهڙي قتل جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏيندي صحيح وقت تي پلاند وٺڻ جو به اعلان به ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔