سنڌ ۾ احساس پروگرام تحت رقم وٺڻ لاءِ مستحق دربدر بڻيل. ڪورونا ايس او پيز به نظرانداز

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس پروگرام تحت رقم وٺڻ لاءِ مستحق دربدر بڻيل آهن. سينٽرز تي ناقص انتظامن سبب ڪورونا ايس او پيز نظرانداز، تنگواڻي ۾ عورتون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين انتظار ڪرڻ بعد واپس موٽي ويون، باڊهه ۾ انٽرنيٽ نه هئڻ جو بهانو ڪري احساس سينٽر شهر کان ٻاهر قائم ڪيو ويو. عورتن طرفان انتظاميا تي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جو الزام لڳايا. ڀريا سٽي ۾ ايجنٽ سرگرم ٿي ويا، مستحق عورتن جي رقمن مان ڪٽوتي تي ايجنٽس ۽ شهرين ۾ جهيڙي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڪنڊيارو ۾ چوٿين ڏينهن به احساس ڪفالت سينٽر نه کُليا، سوين مستحق عورتون سيءُ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن. قاضي احمد ۾ احساس پروگرام جي رقمن ۾ ڪٽوتي خلاف متاثرن جون دانهون، امدادي رقم جي ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد نه ملڻ جو انڪشاف به ڪيو ويو. احساس سينٽر ٻاهران رش دوران ڪيتريون ئي مستحق عورتون بيحال ٿي ويون. گهوٽڪي ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي عورتن جي رش، انتظاميا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔