ريا چڪربورتي وڏين وڏين اداڪارائن کي مات ڏئي ڇڏي

ممبئي : ڀارتي اداڪارا ريا چڪربورتي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ سارا علي خان کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
بالي ووڊ ڊرگز ڪيس ۾ گرفتار ۽ ضمانت تي آزاد ٿيل ريا چڪربورتي سرچ انجڻ ياهو جي مقبوليت ۾ ڪترينا ڪيف، دپيڪا پڊوڪون، سارا علي خان ۽ سني ليون جهڙين فنڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
سرچ انجڻ ياهو سال 2020ع ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ بالي ووڊ فنڪارائن جي لسٽ جاري ڪئي آهي.
ان لسٽ ۾ بالي ووڊ اداڪارائن ۾ وڏا نالا ڪترينا ڪيف، سارا علي خان، پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پڊڪون به ٽاپ پوزيشن ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا.
لسٽ ۾ هلندڙ سال ڊرگز اسڪينڊل ۾ گرفتار ريا چڪربوتي اڳڀري آهي.
ياهو موجب هلندڙ سال جنهن اداڪارا کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو، ان ۾ ريا چڪربورتي پهريون نمبر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔