ڪورونا وڌيڪ 40 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ 8هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد: ڪورونا وبا گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هن وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 8025 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 33 هزار 302  ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪوونا 19 ٽيسٽن جو انگ 55 لک 8  هزار 810 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 839 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 3 لک 98 هزار 24 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ هڪ لک 73 هزار 14، پنجاب ۾ هڪ لک 19 هزار 35، بلوچستان ۾ 17 هزار 158، خيبرپختونخواهه ۾ 47 هزار 190، اسلام آباد ۾ 30 هزار 123، آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 855 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 649 ڄڻن ۾  ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 613 ڄڻن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ هن وبا جي خلاف  جاري جنگ کٽيندڙ ماڻهن جو انگ 3 لک 41 هزار 423 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 40 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل گڏيل مريضن جو انگ 8025 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ وڌي 48 هزار 576 ٿي ويو آهي جنهن مان 2 هزار 46 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔