پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اڄ ملتان ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي

ملتان: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اڄ ملتان ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي. ملتان ۾ پي ڊي ايم طرفان قافلن جي اچڻ جو شيڊول طئي ڪيو ويو.

آصفه ڀٽو صبح 11 وڳي گيلاني هائوس مان ريلي جي صورت ۾ قاسم باغ رواني ٿيندي. مولانا فضل الرحمان به جامعه قاسم العلوم مان 11 وڳي روانو ٿيندو. مريم نواز ملتان 9 نمبر چورنگي تي 11 وڳي پهچندي. هوڏانهن انتظاميه به تياريون ڪري ڇڏيون آهن. جڳهه جڳهه تي رنڊڪون بيهاريون پيون وڃن. ڪنٽينر لڳائي رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن.

ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو روڪڻ لاءِ پوليس طرفان ڪيترن ئي شهرن ۾ گرفتاريون ڪيون ويون. پوليس ملتان گهنٽه گهر چوڪ تان نوازليگ جي ريلي ڪڍڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي. گهنٽه گهر کي چئني طرفن کان سيل ڪيو ويو آهي. فيصل آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي روڪڻ جي لاءِ اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالمنان جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو. ايم اين اي عائشه رجب ۽ اڳواڻ اين اي 109 مزمل سرور ڊوگر جي گهر تي ريڊ ڪيو. سٽي صدر شيخ اعجاز جي پٽ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

وهاڙي ۾ تهمينه دولتانه جي آفيس ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپن دوران 13 ليگي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. ضلعي انتظاميه مونجهاري سبب تحريڪ انصاف جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري کڻي آئي، مڇريل ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. گگو منڊي ۾ ايم پي اي يوسف ڪسيليه جي ڀاءُ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

حمدپور شرقيه ۾ جي يو آءِ(ف) ۽ پ پ پ جي 11 عهديدارن ۽ ڪارڪن کي گرفتار ڪيا ويو. پير محل مان پ پ اڳواڻ رانا جميل کي گرفتار ڪيو ويو. خانيوال ۾ نوازليگ جي مقامي اڳواڻ رانا سليم جي فيڪٽرين تي ڇاپن دوران ڊرائيور ۽ ٻين ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔