پنوعاقل ويجهو هيانءُ ڏاريندڙ حادثو،7 ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 11 ڀاتي فوت، 6 زخمي

پنوعاقل : پنو عاقل ويجهو هيانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ 7 ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 11 ڀاتي فوت  ۽ 6 زخمي ٿي پيا.  سانگي ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر وين مزدا  جي ٽڪر بعد ڪلٽي ٿي پئي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀاتي فوت ٿي ويا.  حادٽِي جي فوتين ۾ 7 ٻارڙا ۽ 4 عورتون شامل آهن،  جن جي سڃاڻپ رضوان، طاهرا ، نور فاطمه، حنان، ارم رحمان، طوبه، روبينا ۽ لائبا طور ٿي آهي. پوليس موجب فوتي ڪٽنب شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي اچي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.  پوليس موجب  هو واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن ، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔