ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن، دهشتگ جي علامت بڻيل جيئند جاگيراڻي جي زال ۽ 3 ڌاڙيل مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران پوليس سان مقابلي ۾ ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي زال ۽ 3 بدنام ڌاڙيل مارجي ويا، دُراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ته مقابلو ٿيو، مارجي ويلن ۾ ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي گهرواري ڀوري خاتون، ڌاڙيل شمشُو، اياز ۽ علي شير جاگيراڻي شامل، آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٺڪاڻا به تباهه، ايس ايس پي امجيد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان ائنٽي ايئرڪرافٽ گنز سوڌو ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، آپريشن ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور پوليس حصو ورتو، ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي ٺڪاڻن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، سندس ٽولي جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔