وزيراعظم عمران خان ناجائز منافعي خورن خلاف ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

لاهور:وزيراعظم عمران خان ناجائز منافعي خورن خلاف ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو جتي ساڻس پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ملاقات ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدارصوبي جي انتظامي ،سياسي معاملن ۽ عوامي ريليف جي قدمن ، سڄي صوبي ۾ سهولت بازارن ۾ سستي اگهه تي شين جي فراهمي جي باري ۾ وزيراعظم کي بريف ڪيو

پنجاب جي وڏي وزير روزگار اسڪيم، انصاف ميڊيسن ڪارڊ ، باهمت بزرگ پروگرام ، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ، کنڊ ۽ اٽي جي اگهه ۾ استحڪام جي باري ۾ حڪومتي قدمن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو

وزيراعظم ناجائز منافعي خورن خلاف ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوامي ريليف جي منصوبن ۾ تيزي آڻڻي آهي ، پنجاب جي مختلف ادارن جي ڪارڪردگي تعريف جي لائق آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔